جھانگير خان ڪرڪيٽر

جھانگير خان (ڪرڪيٽر): جھانگير خان 1909ع ۾ پيدا ٿيو. ھن اسلاميه ڪاليج لاھور مان گريجوئيشن ڪئي. 1932ع ڌاري انڊيا جي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ انگلستان ويو. 1939ع تائين اُتي ئي رھيو. انگلنڊ ۾ رھڻ واري عرصي ۾ ھن پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان سواءِ بئرسٽريءَ جو امتحان به پاس ڪيائين. ھن پھرين ٽيسٽ ميچ آل انڊيا ڪرڪيٽ ٽيم جي طرفان 25 جون 1932ع ۾ انگلنڊ جي خلاف کيڏي. 1936ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ طرفان آل انڊيا ڪرڪيٽ ٽيم جي خلاف 1932ع ۾ لارڊ جي ميدان ۾ ڪيمبرج ۽ ايم سي سي جي مقابلي ۾ ھن جي تيز رفتار بال هڪ اُڏامندڙ جھرڪيءَ کي ماري وڌو ھو. اھا جھرڪي لارڊز جي ميوزيم ۾ رکي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو